پنجاب جي ضلعي ڀڪر کان ڊيرا اسماعيل خان ويندڙ ٽرڪ جي ڊرائيور ٻوڏ متاثرن جو سمورو راشن ۽ سامان رستي ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو، پوليس جي ڪارروائي ۾ جوابدار جهلجي پيو. پوليس موجب ٻوڏ متاثرن لا سامان سان ڀريل ٽرڪ لاهور کان ڊيرا اسماعيل خان موڪليو ويو هو، جنهن ۾ منرل واٽر ۽ راشن سميت ٻيون ضروري شيون شامل هيون. ٽرڪ جي ڊرائيور جي رستي ۾ نيت بدلجي وئي ۽ هن سڄو سامان واٽ تي ئي کپائي ڇڏيو. پوليس اختيارين موجب اطلاع ملڻ شرط ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽرڪ ڊرائيور ۽ سامان خريد ڪندڙ شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ ڊرائيور کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close