مٺي: چيلهار شهر جي مارڪيٽ ۾ هڪ رٽائرڊ فوجي محمد يوسف ڪنڀر درزي لڇمڻ تي حملو ڪري مٿس تشدد ڪيو، شهرين وچ ۾ پئي درزي کي ڇڏايو. درزي لڇمڻ ڀيل وارثن سميت احتجاج ڪندي چيو ته رٽائرڊ فوجي محمد يوسف زمين تي قبضي جو الزام هڻي تشدد ڪيو ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، پوليس به ڄاڻايل بااثر جي ونگار تي ڪيس داخل نٿي ڪري، مون کي خاندان سميت خطرو آهي، هاڻ پوليس به ڌمڪائي رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ رٽائرڊ اهلڪار خلاف قدم کنيو وڃي. هوڏانهن احتجاج بعد پوليس درزي ۽ وارثن کي ٿاڻي تي گهرائي دٻا وجهي تشدد ڪندڙ رٽائرڊ فوجي کان متاثر ڌر کان معافي تلافي ڪرائي معاملو ختم ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close