ڪراچي : ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته تحريڪ انصاف ملڪ کي ڊيفالٽ ڪري رهي هئي پر شهباز شريف ملڪ بچايو، تحريڪ انصاف جي نظر ۾ عمران خان پاڪستان جو وڏو هوندو پر اسان جي نظر ۾ ناهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته شوڪت ترين پاڪستان سبب ئي ناڻي وارو وزير بڻيو ۽ ان جون ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن، ڇا شوڪت ترين پاڪستان جي خدمت ڪري رهيو آهي؟ ڇا آڊيو ليڪ ۾ ان جو آواز نه هو. جڏهن پنجاب جي وزير خط لکڻ کان منع ڪيو ته خيبر پختونخوا جي وزير کان لکرايو ويو. عمران خان ته ملڪ جو قرض گهٽ ڪرڻ آيو هو پر هن 19 هزار ارب رپيا پاڪستان جو قرض وڌائي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دوستن کي ايمنسٽي ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيو ۽ هو خيرات جي نالي تي فنڊ گڏ ڪري سياست ۾ استعمال ڪندو آهي، تحريڪ انصاف کي سياست ڪرڻي آهي ته ڪري پر قوم انهن کي ڪڏهن معاف نه ڪندي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حقيقي آزادي ڪرڻي هئي ته پوءِ ايتريون درآمدون نه ڪيون ها، تاريخ جو سڀ کان وڏو واپاري خسارو نه ڪيو ها، ٽيون سڀ کان وڏو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو نه ڪيو ها، تاريخ جا سڀ کان وڏا 4 بجيٽ خسارا نه ڪيو ها، ملڪ جو 80 سيڪڙو وياج نه وڌايو ها. مفتاح اسماعيل چيو ته هتي توهان جون رڪارڊنگ سامهون اينديون رهن ٿيون، جنهن جي فون کوليو ڪو جيولري گهري رهيو آهي، ڪو توشا خانا جون گهڙيون کپائي رهيو آهي، ڪڏهن ڪنهن کان زمين ورتي وئي آهي. پي ٽي آءِ ڪڏهن ڪنهن کي 190 ملين پائونڊ واپس ڪري ڇڏيا، ڪير ڇو ڪنهن کي پئسا واپس ڪندو عمران خان اچي وضاحت ڏئي، هڪ پريس ڪانفرنس ان تي به ڪيو نه، وڏي حقيقي آزادي جي ڳالهه ٿا ڪيو، توهان ملڪ رياض کان ته آزاد ناهيو ٿيا. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ هڪ ڏينهن به پيٽرول جي کوٽ ٿيڻ نه ڏني، ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال ايندڙ ٻن مهينن ۾ ڪنٽرول ڪري وٺنداسين ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه سستا ڪنداسين. وفاقي وزير تسليم ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب آخري هفتي تمام گهڻي مهانگائي ٿي آهي، اڌ پاڪستان ٻڏل آهي ۽ وزيراعظم متاثرن کي امداد ڏئي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close