اسلام آبادپاڪستان

ذلفي بخاري برطانوي شهريت ڇڏي ڏني،نوٽيفيڪيشن جاري

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ذلفي بخاري برطانوي شهريت ڇڏيندي چيو آهي ته عمران خان سان گڏجي حقيقي آزادي جي جدوجهد ڪندس. ذلفي بخاري چيو آهي ته جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، چيو پئي ويو ته حڪومت جي خاتمي تي پاڪستان ڇڏي ڀڄي ويندس. ڏکئي وقت ۾ عمران خان سان گڏ بيٺو آهيان، پاڪستاني آهيان ۽ پاڪستاني رهندس. ذلفي بخاري جو چوڻ آهي ته ملڪ کي اسان جي ضرروت آهي، هار جيت رب جي هٿ وس آهي پر ملڪ جي خدمت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پاڪستان ڇڏي ڀڄي ويندڙ پناهه وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، هن پڻ پاڪستان واپس اچڻو پوندو. برطانوي شهريت ڇڏڻ جو فيصلو ذاتي آهي، تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندس. هوڏانهن برطانوي گهرو کاتي ذلفي بخاري جي شهريت ڇڏڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. 1980 کان برطانوي شهريت رکندڙ ذلفي بخاري چيو آهي ته سندس سڄو ڪٽنب برطانيا ۾ آهي، برطانيا ۾ ڪاروبار ڪيو تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button