اسلام آباد/ڪراچي: ملڪ ۾ چوماسي برساتن کانپوءِ ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ 38 ڄڻن سميت وڌيڪ 57 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سکر بئراج وٽان وڏي سطح جي ٻوڏ اچي وئي آهي ۽ منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي. سنڌ جي دادو ضلعي کي وڏي تباهي جو خطرو آهي. فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن جي رپورٽ موجب ڪالهه صبح 6 وڳي سکر بئراج وٽان 5 لک 59 هزار 988 ڪيوسڪ جي مٿئين سطح جي ٻوڏ اچي رهي آهي. ان ڏس ۾ دادو جي ايم اين اي رفيق احمد جمالي ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻنپهرن جي وقت صورتحال خراب ٿي وئي، جڏهن پاڻي جوهي ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو جتي ڪيترائي گهر پاڻي ۾ اڳ ۾ ئي ٻڏي ويا آهن. دادو ضلعو ٻوڏ جو نئون مرڪز بڻجي ويو آهي. ملڪ جي اترين علائقن ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ پاڻي ملڪ جي ڏکڻ طرف وهي رهيو آهي. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ 38 ڄڻا فوت ٿيا، خيبر پختونخوا ۾ 17 فوتگيون رڪارڊ ٿيون، جڏهن ته ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ هڪ – هڪ فوتگي ٿي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 57 فوتگيون ٿيون، جن ۾ 22 مرد، 18 عورتون ۽ 17 ٻار شامل آهن. اين ڊي ايم اي موجب ملڪ ۾ فوتين جو مجموعي انگ 1265 ٿي ويو آهي. جڏهن ته زخمين جو ڪُل انگ 7683 آهي. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي چيو آهي ته سنڌ ۾ هيل تائين 470 ڄڻا فوت ۽ 7204 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ هيل تائين 285 فوتگيون ٿيون آهن. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب ملڪ ۾ رڪارڊ مون سون جي برساتن ۽ اتر جبلن ۾ گليشيئر پگھرجڻ سبب 14 جون کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ 1,265 ماڻهو مري ويا آهن. ٻئي طرف گڊو بيراج ۾ صبح کان ئي پاڻي جو وهڪرو گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جي گنجائش 12 لک ڪيوسڪ آهي، جنهن مان 5 لک 61 هزار 118 ڪيوسڪ ٻوڏ شام 6 وڳي گذري وئي، جيڪو ٻيو وڏو وهڪرو آهي، اهو ڪالهه صبح 6 وڳي گهٽجي 5 لک 53 هزار 183 ڪيوسڪ ڪيو ويو. رات جو 12 وڳي وهڪرو وڌيڪ گهٽجي 532634 ڪيوسڪ ٿي ويو. گڊو ۽ سکر بئراجن ۾ 23 ۽ 25 آگسٽ تي 5800 ڪيوسڪ جي پهرين ٻوڏ آئي هئي ۽ اها ٻوڏ هاڻي آهستي آهستي ڪوٽڙي بئراج تائين پهچي رهي آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 5 لک 43 هزار 592 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 32 هزار 787 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪالهه صبح 6 وڳي اپ اسٽريم ۾ وهڪرو 5 لک 8 هزار 102 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهين سطح تي 4 لک 98 هزار 497 ڪيوسڪ رهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close