اسلام آباد :وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال ۾ 4 ادارن جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت هلندڙ مالي سال ۾ 4 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو آهي، جن ۾ آر ايل اين جي سان هلندڙ حويلي بهادر شاهه ۽ بلوڪي پاور پلانٽس سرفهرست آهن. دستاويزن موجب هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني جي نجڪاري مارچ 2023ع تائين ڪئي ويندي. جڏهن ته فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري جون 2023ع ۾ متوقع آهي.
دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪجهه ادارن جو خاص آڊٽ ڪرايو ويندو.