پاڪستانسنڌ

سنڌ جي شيلٽر ڪئمپن ۾ 47 هزار ٻوڏ متاثر ڳورهاريون عورتون موجود

ڪراچي : سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ٻوڏ متاثر عورتن جا ڳڻتي جوڳا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته صوبي جي شيلٽر ڪئمپن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 47 هزار ڳورهاريون عورتون موجود آهن. هڪ انٽرويو ۾ صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ کان پوءِ لکين ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، صوبي ۾ ڊائريا جا هڪ لک 34 هزار کان وڌيڪ ۽ مليريا جا 44 هزار ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ٻوڏ متاثرن ۾ هن وقت تائين هڪ لک کان وڌيڪ چمڙي بابت ڪيس، 101 نانگ جي ڪکڻ ۽ 500 ڪتن جي چڪڻ جي واقعن جو اطلاع مليو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ساهه جي بيمارين سميت ٻيا ڪيس وڌي رهيا آهن. ياد رهي ته سنڌ جا ڪيترائي ضلعا وڏي پئماني تي تباهي، تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. مون سون جي برساتن سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين هاري سڀ کان وڌيڪ متاثر ۽ بي گهر ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button