پاڪستانسنڌ

برساتن کي حڪمرانن آفت بڻائي ڇڏيو آهي:ضيا ڀٽي

ورڪشاپ: عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻن سنڌ جي صدر ضيا ڀٽي، جنرل سيڪريٽري پروفيسر ميرحسن سريوال، فيڊرل ڪميٽي جي ميمبر ايڊووڪيٽ محمد جميل، سانگهڙ ضلعي جي اڳواڻن عبدالقيوم لانڊر، منظور شيخ، عاشق شر ۽ قاضي علي نواز صدرٽ، جکڙائو جو دورو ڪرڻ ۽ ميڊيڪل ڪئمپن ۾ ٻوڏ ستايل ماڻھن سان ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي هنن مختلف جاين تي خطاب ڪندي چيو ته ھي جيڪي غير معمولي برساتون پيون، انهن کي آفت حڪمرانن بڻايو آھي، سڄي سنڌ ۾ جتي به سم نالا آھن، انھن جي حالت پاڻي نيڪال ڪرڻ جي نه رھي آھي، قدرتي پاڻي جي لنگھن تي قبضا ڪرايا ويا آھن، ان جو نتيجو عام ماڻھو پيو ڀوڳي، سوين ماڻھو جان کان ويا آھن، لکين ماڻھو بربادي جي طرف آھن، ڪٿي به ٽينٽ سميت کاڌي پيتي جو سامان ناهي ورھايو ويو، ھيڏي تباھي کانپو به بيحس حڪمرانن کي ڪو خيال نه ٿو ٿئي. ھنن چيو ته هن سڄي بربادي تي عوامي ورڪرز پارٽي عوامي مھم ھلائيندي ۽ ماڻھن وٽ ويندي. ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي پاران صدرٽ ۾ لڳايل طبي ڪئمپ ۾ 5 سئو کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪري کين پيٽ، خارش ۽ بخار جون دوائون ڏنيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button