ميرپورخاص : ميرپورخاص ٽائون جي خادم علي شاهه جي يونين ڪميٽي 6 جي وارڊ نمبر 2 ۾ قائم قديمي ڳوٺ مير محمد پنھور مڪمل پاڻي ھيٺ ٻڏل آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي گهرن ۾ برساتي پاڻي بيهڻ سبب رهواسي عذاب ۾ اچي ويا آهن، مڇرن جي آزار سبب ٻار بيمار ٿي رهيا آهن، پر چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا متاثرن جي ڪا مدد ناهي ڪئي. هوڏانهن ڳوٺاڻن تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي، يوسي چيئرمين ۽ وارڊ ڪائونسلر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد عاقب آرائين، امير بخش لغاري، بلاول پنھور، سليمان لغاري، علي رضا آرائين ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته برساتن سبب مڪمل ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جڏھن ته ڪيترن ئي گھرن ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ سبب علائقي واسي اذيتن واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهن، ووٽ وٺڻ مھل چونڊيل نمائندا اچن ٿا، پر ھن وقت ڪو سار لھڻ وارو ن آھي، گھرن ۾ راشن نه ھجڻ سبب ڪيترائي خاندان فاقاڪشي واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهن، مڇرن جي آزار سبب مليريا ۽ ٻيون وبائي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته تازو بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيل پ پ اميدوارن کي بار بار شڪايت ڪئي آهي، پر ڪير به مدد لا لڙي ناهي آيو. ھٿ وٺي ڪجهه بااثر ماڻهن جرواري شاخ مان نڪرندڙ واٽر ڪورسن جو پاڻي اسان جي ڳوٺ ڏانهن ڇوڙ ڪري ظلم ڪري رهيا آهن. ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته فوري طور برسات متاثر ڳوٺاڻن جي سھائتا ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close