پاڪستانسنڌ

سيوهڻ کي منڇر مان خطرو هو، ان ڪري ڪٽ جو فيصلو ڪيو:وڏو وزير

ڀان سيدآباد/ سيوهڻ: منڇر ڍنڍ جي بند کي باغ يوسف کان ڪٽ لڳائڻ بعد صورتحال جو جائزو وٺڻ وڏي وزير مراد شاهه ۽ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سيوهڻ پهچي باغ يوسف واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ سيوهڻ جي قلعي تي قائم ايريگيشن ريسٽ هائوس تي آبپاشي سيڪريٽري کان بريفنگ ورتي. ان موقعي تي وڏي وزير مراد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيوهڻ شهر کي منڇر ڍنڍ مان خطرو هو، جنهن جي ڪري مجبور ٿي منڇر کي ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، اسان جي ڪوشش ھئي ته منڇر کي بچائي وينداسين، پر ھوا جي سخت دٻاءُ ۽ پاڻي ۾ ڇولين سبب منڇر جو بند ڪمزور ٿي ويو. وڏي وزير مراد شاهھ وڌيڪ چيو ته 2010ع کانپوءِ منڇر جا بند ھن ڀيري مضبوط ھئا، ان سان گڏ منڇر جو پاڻي سيوھڻ جي اڙل ھيڊ ۽ اڙل ٽيل مان به مسلسل سنڌو درياءُ ۾ خارج ٿي رهيو هو، منڇر بند جون 100 آر ڊيون آھن ۽ ھن وقت منڇر جي آر ڊي 52، 54 کان ۽ 62 کان پاڻي تيز ھوائن سبب اوورٽاپ ڪري رھيو ھو. وڏي وزير چيو ته منڇر کي ڪٽ هڻڻ سان منھنجو ڳوٺ واھڙ به ٻڏي ويندو ۽ سيوھڻ جون پنج يوسيون متاثر ٿينديون، جنھن جي آبادي سوا لک کان وڌيڪ آھي، ٽن کان چئن ڏينهن دوران درياءُ جي پاڻي جي ليول گهٽجي ويندي، جنهن بعد ڪرمپور کان درياءُ جي بند کي ڪٽ هڻي منڇر جو پاڻي درياءُ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو، سيوهڻ شهر جو ليفٽ بند ڪمزور ٿي ويو آهي، جنهن جي مضبوطي جو ڪم جاري آهي، جيڪڏهن وڌيڪ ايمرجنسي صورتحال ٿي ته سيوهڻ شهر کي بچائڻ لاءِ اسان وٽ ٻيو آپشن ريلوي ٽريڪ آهي، جنهن جون ٻه پلون بند ڪرائي اتان پاڻي کي روڪيو ويندو، ريلوي پلون بند ڪرائڻ لاءِ ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق سان به ڳالهائيندس، مان پوري سنڌ کي ڏسي رھيو آھيان، ڪشمور کان سمنڊ تائين ماڻهوَ متاثر ٿيا آهن ۽ اسان سمورن متاثرن سان گڏ آھيون. ان موقعي تي وڏي وزير ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه کي متاثر ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هوڏانهن مراد شاهه وڏي وزير سيوهڻ پھچي آر ڊي 54 ۽ 55 اڙل واھه بند جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ سبب 123 آر ايل تي پهچي ويو آهي، تيز هوا لڳڻ بعد منڇر ڍنڍ جي بندن تي وڏو دٻاءُ وڌي ويو هو ۽ شھر سيوهڻ کي ٻڏڻ جو خطرو هو، ان حالتن کي نظر ۾ رکندي منڇر بند آر ڊي 14 تان ڪٽ لڳايو آهي، 2010ع واري ٻوڏ ۾ 5 يوسيز کي نقصان پهتو هو، اسان جي ڪوشش آهي ته ڀان ۽ سيوهڻ شھرن کي بچايون، سڄي سنڌ جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ آيو آهي، اسان متاثرن سان گڏ آهيون، ڪئمپون قائم ڪري ماڻھن کي رهائش ڏني ويندي. بعد ۾ وڏو وزير ڪراچي روانو ٿي ويو. ان موقعي تي وڏي وزير جو پرسنل سيڪريٽري محمد سليم باجاري، ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، ڊي سي ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفى، آبپاشي عملدار ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button