پاڪستانسنڌ

سيوهڻ کي بچائڻ لا منڇر کي ڪٽ،سوا لک آبادي متاثر

ڀان سيدآباد/ سيوهڻ:منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ خطرناڪ واڌ بعد سنڌ سرڪار انتهائي قدم کڻي ورتو. سيوهڻ ڀرسان باغ يوسف آر ڊي 14 وٽان منڇر جي بند کي 200 فوٽن جو ڪٽ ڏنو ويو، 5 يوسيز ڏانهن پاڻي وڌڻ لڳو، سوا لک آبادي متاثر ٿيندي، 500 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويندا، سيوهڻ ايئرپورٽ، وڏي وزير جو گهر واهڙ ۽ پارڪو ڪمپني به ٻڏي ويندا. ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ موجن ۾ اچڻ بعد تيز هوا سبب اٿلڻ لڳي، جنهن بعد سنڌ سرڪار نيٺ گوڏا کوڙيندي منڇر ڍنڍ جي بند کي سيوهڻ جي باغ يوسف ڀرسان آر ڊي 14 وٽان 200 فوٽن تائين ڪٽ ڏياريو، آبپاشي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جمال الدين مڱڻ ۽ انجنيئر مهيش ڪمار جي نگراني ۾ عملي ڪرين مشين ذريعي بند کي ڪٽ ڏئي پاڻي جو ڇوڙ آبادي طرف ڪيو، جنهن جي ڪري تعلقي سيوهڻ جون 5 يوسيز واهڙ، بوبڪ، چنا، جعفرآباد ۽ آراضي مڪمل طور تي منڇر جي ٻوڏ واري پاڻي جي گهيري هيٺ اچي وينديون، جنهن جا تقريبن 500 کان وڌيڪ ڳوٺ پڻ متاثر ٿيندا ۽ سوا لک انساني آبادي به متاثر ٿيندي، متاثر ٿيندڙ ڳوٺن ۾ وڏي وزير مراد شاهه جو ڳوٺ واهڙ به ٻڏي ويندو. جڏهن ته شهباز ايئرپورٽ سيوهڻ، پارڪو تيل ۽ گئس ڪمپني به مڪمل طور تي ٻڏي ويندي، منڇر جي پاڻي سبب لاڙڪاڻو-حيدرآباد انڊس هاءِ وي روڊ به مڪمل طور تي بند ٿي ويو، رات دير سان منڇر جو پاڻي انڊس هاءِ وي روڊ جي ٻنهي طرفن کان پهتو، پاڻي جو پريشر هجڻ سبب پاڻي اڄ صبح تائين انڊس هاءِ وي روڊ کان اوور ٽاپ ٿي ڪري ڀان سيدآباد شهر جي سم نالي طرف وڌندو، انڊس هاءِ وي روڊ بند ٿيڻ بعد ڀان شهر جو سيوهڻ شهر سان رابطو به ڪٽجي ويو آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي، دادو، ميهڙ ۽ ٻين شهرن جو حيدرآباد ۽ ڪراچي سان سيوهڻ واري رستي کان رابطو ڪٽجي ويو آهي. واضع رهي ته ڊي سي ڄامشورو پنجن ئي يوسيز کي خالي ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حڪم جاري ڪيو هو، پر ضلعي انتظاميا متاثر ڳوٺن جي ماڻهن کي ٽرانسپورٽ فراهم نه ڪئي، جنهن سبب متاثر ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪرڻ لاءِ پريشان رهيا. شھري ۽ ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪري ڀان سيدآباد ۽ سيوھڻ جي مختلف محفوظ جاين تي پهتا، مقامي ۽ ضلعي انتظاميا متاثر ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ واريون دعوائون اڌوريون رھجي ويون ۽ ڪيترائي متاثر مھانگي اگهه تي ڪرايل گاڏين تي سامان کڻائڻ لا مجبور ٿي ويا. هوڏانهن منڇر ڍنڍ جي آر ڊي 14 باغ يوسف وٽان ڪٽ ڏيڻ بعد آبپاشي توڙي ضلعي عملدار منڇر جي مين بوبڪ بند آر ڊي 62 وٽان غائب ٿي ويا، آر ڊي 62 وٽ دانستر واهه جا دروازا ڪمزور ٿي ويا، ۽ منڇر جو پاڻي دانستر جي دروازن کان اوور ٽاپ ٿي رهيو هو، پر آبپاشي عملدار توڙي ضلعي انتظاميا ايمرجنسي صورتحال باوجود به منڇر جي بند تان غائب ٿي ويا، جنهن جي ڪري رهواسين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل رهي. منڇر جو پاڻي رات دير تائين انڊس هاءِ وي روڊ سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي ڪري يوسي بوبڪ، چنا ۽ آراضي جا 100 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا، جنهن سبب هزارين ماڻهو ڳوٺن ۾ ڦاسي پيا، پر انتظاميا سندن ڪا مدد نه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button