پاڪستانسنڌ

کڏڙي ۾ اذان دير سان ڏيڻ تان موذن تي تشدد

کڏڙو: کڏڙو جي وارڊ نمبر 2 ملڪ پاڙي جي رهواسڻ بيوه پيرسن نصيران زال مرحوم فقير محمد محمد ملڪ ميڊيا سينٽر کڏڙو پهچي احتجاج ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪجهھ ڏينهن اڳ منهنجو پٽ نديم ملڪ جيڪو هڪ مسجد ۾ موذن آھي کي پاڙي جي ماڻھن وقت تي اذان نه ڏيڻ جو الزام هڻي تشدد جو نشانو بڻايو، پٽ روز ٻوڏ متاثرن ۾ چانور ورهائڻ ويندو آهي، جنهن کي ڪجھه دير ٿي وئي، جنهن سبب اذان ڏيڻ ۾ به دير ٿي، جنهن تان پٽ نديم ملڪ تي تشدد ڪيو ويو، پوليس جوابدارن سان مليل آھي. هن گهر ڪئي ته پٽ تي تشدد ڪندڙ جوابدارن خلاف گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button