پاڪستانسنڌ

راڻا همير سنگهه سوڍي ٽينٽ سٽي قائم ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ نيو ڇور بائي پاس گاباريو ولي جي درگاهه ڀرسان پ پ ايم پي اي راڻا همير سنگهه سوڍو پنهنجي خرچ تي برسات متاثرن لا ٽينٽ سٽي قائم ڪري ڇڏيو، هڪ سئو گهرن تي مشتمل ٽينٽ سٽي ۾ برسات متاثرن کي رهائش ڏني وئي. ٽينٽ سٽي ۾ برسات متاثرن کي ميڊيڪل، اسڪول ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت سموريون سهولتون ڏنيون ويون. متاثرن کي کاڌ خوراڪ سميت مڇردانيون به ڏنيون ويون. اڄ مختلف هنڌن تي وڌيڪ ٽينٽ سٽي قائم ڪيون وينديون. راڻا همير سنگهه سوڍو چيو ته برسات ماڻهن جا اجها کسي ڇڏيا آهن، ڏکي وقت ۾ ماڻهن جي مدد ڪرڻ عبادت آهي، ٽينٽ سٽي ۾ ضرورت جون سموريون سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سرندي وارا برسات سٽيل مانهن جي مدد ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button