پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ ڊوائيس هولڊرن سينٽر بند ڪري ڇڏيو، عورتن جو احتجاج

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم نه ملڻ ۽ بار بار سينٽر بند ٿيڻ خلاف متاثر عورتن مين ٽنڊوآدم-عثمان شاهھ ھڙي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي انتظاميا ۽ ايجنٽن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثر عورتن چيو ته وزيراعظم پاڪستان طرفان برسات متاثر خاندانن لا 25 هزار جي رقم جاري ڪئي وئي آهي، پر سينٽر يونين ڪائونسل آفيس ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جتي مسلسل چئن ڏينهن کان تنگ ڪيو پيو وڃي ۽ صبح فجر مهل اچي سينٽر تي ويهندا آهيون، شام تائين آيل وظيفي جي رقم نٿي ڏني وڃي، ڊوائيس هولڊر پنهنجي من پسند ماڻهن کي رقم ڏئي رهيا آھن، جن کان 1 کان 3 هزار تائين في ڪارڊ تي سندن ايجنٽ وٺي رهيا آھن، جيڪي شڪايتون ڪرڻ بعد سينٽر تي موجود ڊوائيس ايجنٽن ملي ڀڳت ڪري سينٽر بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد مجبور ٿي روڊ بلاڪ ڪيو آھي. هنن ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وفاقي وزير شازيه مري کان مطالبو ڪيو ته ڊوائيس هولڊرز کي پابند ڪيو وڃي ته شفاف نموني پوري رقم ڏئي ڏکيائين کان بچايو وڃي. ٻن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ايس ايڇ او عمر ساند منظور جمالي پهچي ڳالهيون ڪري انتظاميا کان سينٽر کولرايو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button