پاڪستان

قوم ٻوڏ سان، عمران خان فوج ۽ عوام سان وڙهي رهيو آهي: حڪومتي اتحاد

اسلام آباد: حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين چيو آهي ته عمران خان پاران پاڪ فوج ۽ ان جي قيادت خلاف نفرت پيدا ڪندڙ ۽ حساس معاملن کي تڪراري بنائڻ واري بيان جي مذمت ڪريون ٿا. حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين گڏيل بيان جاري ڪندي چيو ته قوم ٻوڏ سان جڏهن ته عمران خان هٿياربند فوج سميت قومي ادارن ۽ عوام سان وڙهي رهيو آهي. هي ادارن مٿان سنگين الزامبازي ڪري رهيو آهي. بيان ۾ حڪومتي اتحاد جي پارٽين چيو ته الزامن جو مقصد معاشي بحالي جي عمل کي متاثر ڪري پاڪستان کي سريلنڪا بڻائڻ ۽ عوام کي فوج سان ويڙهائڻ آهي، اسان آئين ۽ قانون جي طاقت سان سندس ناپاڪ سازش کي ناڪام بڻائينداسين. حڪومتي اتحاد پاران چيو ويو آهي ته سازشون ڪندڙن سان آئين ۽ قانون موجب منهن ڏينداسين ۽ سندن ناپاڪ سازش کي ناڪام بڻائينداسين، پاڪستان آئين موجب هلندو، ڪنهن هڪ ماڻهو جي آمراڻي روين جو غلام بنجڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. وفاقي، صوبائي حڪومتون هٿياربند فوج ۽ ادارن سان ملي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهيون آهن. هٿياربند فوج سميت قومي ادارن ۽ ان جي قيادت جي آئيني احترام کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين، ان سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي امداد، بحالي ۽ ريليف جي عمل کي به متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button