مورو: مورو ڀرسان ڳوٺ سردار خان لنڊ کي بااثر وڏيري پاران ٻوڙائڻ ۽ ڳوٺ ۾ بيٺل پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ ۽ ڳوٺ سردار خان لنڊ جي رهواسين ضلعي اڳواڻ ابرار مورائي، ظهير ڍلو، نعمان لنڊ، وقار راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڳوٺ سردار خان لنڊ کي تر جو بااثر وڏيرو پنھنجي ڪمند بچائڻ لا ڳوٺ کي ٻوڙائي رهيو آهي، سرڪاري واٽر بند ڪرڻ سبب ڳوٺ جي مين رستي تي 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيھي رهيو آهي، جنهن سبب اچ وڃ ۾ پڻ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان فوري طور تي بااثر وڏيري خلاف قدم کڻڻ جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close