پاڪستانسنڌ

سيٺارجا ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سيٺارجا: سيٺارجا ٽائون سميت ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرين کي راشن نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي گيٽ آڏو احتجاجي بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي. ان موقعي تي فنڪشل ليگ اڳواڻ امير طارق حسين ڪٻر، پي ٽي آ اڳواڻ وسيم رضا لنڊ، سماجي اڳواڻن سعدالله سھتو، امجد علي سولنگي، مظھر علي سھتو، عبدالستار راڄپر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته برساتن سبب علائقي ۾ ھزارين خاندان بي گھر ٿي ويا آھن ۽ سندن ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي، جنهن بعد ھزارين متاثر ڪيمپن ۾ ترسيل آھن، ھن وقت به ڳوٺ يار محمد جاگيراڻي، فيض محمد راڄپر، صالح راڄپر، سائينداد سولنگي، محبت خاصخيلي، لھڻو خان لنڊ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آھي، اچ وڃ جا رستا بند آھن، پر ڪنهن به سار نه لڌي آهي. هنن گھر ڪئي ته ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي سار لڌي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button