پاڪستانسنڌ

سنڌ لا هڪ ارب ڏيندس، حڪومت ۾ اچي ڊيم ٺاهينداسين: عمران خان

سکر: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سنڌ جا نوجوان منهنجي ٽيم جو حصو بڻجن، زرداري کي شڪست ڏينداسين، سنڌ زرداري مافيا جي چوري جي ڪري پٺتي رهجي ويو، حليم عادل شيخ تي ظلم ڪيو پيو وڃي، قدرتي آفت سان آيل تباهي افسوسناڪ آهي، تحريڪ انصاف متاثرن جي امداد لاءِ سرگرم آهي، ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙو اظهار اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سکر ۾ مبين خان جتوئي جي بنگلي تي ٻوڏ متاثرن کي خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته سيلاب وڏي تباهي آندي آهي، سڀ کان وڌيڪ سنڌ صوبو متاثر ٿيو آهي، منهنجي ٽيم مون کي ٻڌائيندي ته ڪهڙي علائقي ۾امداد پهريان پهچائڻي آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ پئسا گڏ ڪندس، جيڪي پئسا گڏ ڪيا آهن، انهن مان هڪ ارب سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي ڏنا ويندا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جڏهن منهنجو الله اسان کي وري وارو ڏيندو ته ڊيم ٺاهينداسين، بلوچستان مان هلندڙ نالن جي ڪري تباهي آئي آهي، بلوچستان جي انهن نالن تي ننڍا ڊيم ٺاهينداسين، جڏهن به پاڻي جو رستو روڪيو ويندو ته نقصان ٿيندو. هن چيو ته اسان 10 ارب وڻ لڳائينداسين، سنڌ جا نوجوان تيار ٿي وڃن، واعدو ڪيان ٿو ته ڌاڙيل زرداري کي شڪست ڏيڻي آهي، زرداري سنڌ ۾ ظلم جو نظام قائم ڪري ورتو آهي، زرداري کي پئسو ٺاهڻ جي بيماري آهي. هن چيو ته هي سنڌ جو پئسو چوري ڪري ٻاهر اماڻي ٿو. جڏهن ته عمران خان جو سکر ايئرپورٽ پهچڻ تي پي ٽي آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مبين خان جتوئي سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل، علي زيدي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button