پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ برساتن سبب وڌيڪ نقصان ٿيو آهي: ناصر شاهه

نوابشاھه: صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاھه متحدہ عرب امارات جي سفير ۽ ٻئي وفد سان گڏجي سنڌ جي مختلف ضلعن سميت شهيد بينظيرآباد ضلعي جي برسات متاثرن علائقن ۾ ٿيل نقصانن جو فضائي جائزو ورتو جنهن بعد نواب شاھه ايئرپورٽ تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه چيو ته ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ مون سون جي رڪارڊ برساتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي جنهن جي ازالي لاءِ سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته برسات متاثرين جي بحالي کي يقيني بڻائي انهن کي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موڪليو وڃي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت ۽ ٻين دوست ملڪن جي مدد سان برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته متحده عرب عمارت جي شيخ حمدان بن زيد پاران ھن مشڪل وقت ۾ سڀ کان اڳ رليف جو سامان موڪلڻ سان گڏ پنھنجو اعلي سطحي وفد پڻ موڪليو آھي ته جئين ھو برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو جائزو وٺي ۽ وڌيڪ فراهم سگھي مدد لاءِ پنهنجي وفد کي پاڪستان موڪليو آهي ته جئين اهي سنڌ سميت ٻين برسات متاثرن علائقن جو دورو ڪري رپورٽ ڏيڻ سميت انهن جي مدد لاءِ پڻ قدم کڻندا. ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي گڏيل عرب امارات جي سفير حماد الزيبي، جنرل قونصلر بخيت الروميٽي ۽ سيڪريٽري جنرل يو اي اي ريڊ ڪريسنٽ حمودالجنيبي چيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، جنهن تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي هنن وڌيڪ چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام پاڪستاني عوام سان گڏ آهي ۽ برسات متاثرين جي مدد لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button