پاڪستانسنڌ

حسين آباد پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ 2 زخمي ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعوى

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ حسين آباد پوليس طرفان مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي. 2 ڏينهن دوران 5 ڌار ڌار مقابلن ۾ 6 ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو. خبر موجب حيدرآباد ۾ حسين آباد پوليس گشت دوران ڦورن سان مقابلي جي دعوى ڪندي ٻن ڄڻن خان محمد ميرالي ۽ سهيل احمد قائمخاني کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس ٻِڌايو ته زخمي جوابدار ڦرن ۽ ڏوهن ۾ ملوثن آهن. زخمين خلاف ڪيس داخل ڪري کين حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ٻن ڏينهن دوران مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ مقابلن جي دعوى ڪندي 6 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. مارڪيٽ پوليس مقابلي دوران فرار ٿيل ٽن جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button