پاڪستانسنڌ

برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڀٽائي جو عرس سادگي سان ملهائبو: ڪمشنر حيدرآباد

حيدرآباد: سنڌ جي ناليوارو روحاني بزرگ ۽ شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جو 279 هون ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ 14 کان 16صفر تائين ڀٽ شاهه ۾ ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ ڪالهه هڪ گڏجاڻي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ سندس ڪيمپ آفيس ۾ منعقد ٿي. جنهن ۾ سيڪريٽري ثقافت سنڌ سعيد غني سهتو، ڊائريڪٽر جنرل ثقافت عبدالعليم لاشاري، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان راشد، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد سوائي خان ڇلگري ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب هلندڙ سال حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو ساليانو عرس مبارڪ سادگي سان ملهايو ويندو. جڏهن ته عرس مبارڪ جون سموريون تفريحي سرگرميون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد چيو ته هن وقت برساتن ۽ ٻوڏ ڪارڻ سڄي سنڌ متاثر آهي. تنهن ڪري هن ڀيري عرس مبارڪ عقيدت، احترام ۽ سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button