پاڪستانسنڌ

ماتلي ۾ گيسٽرو وگهي عورت فوت، هفتي اندر انگ 5 ٿي ويو

ماتلي: ماتلي ۾ گيسٽرو جي وبا ۾ گھٽتائي نه آئي. وڌيڪ ھڪ عورت فوت ٿي وئي. گذريل ھڪ ھفتي دوران گيسٽرو ۾ ٻن ٻارن سميت فوت ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو. ڪالهه ڳوٺ مبارڪ دستي جي 45 ورھين جي عورت مريم گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي آھي. عورت کي تعلقي اسپتال ماتلي آندو ويو، جنهن کي طبي امداد ڏيڻ کانپو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدراباد نيو پئي ويو ته ھو رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي. هوڏانهن عورت جو لاش وارث گهر کڻائي آيا جتي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button