پاڪستانسنڌ

ڏيپلو ۽ ڀرپاسي هرڻن ۾ بيماري ڦهلجي وئي، ڪيترائي مري ويا

ڏيپلو: ڏيپلو ۽ ڀرپاسي جي ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ ھرڻن ۾ پراسرار بيماري ڦهلجڻ لڳي آهي، جنهن سبب ڪيترائي هرڻ مري چڪا آهن. ان ڏس ۾ ڳوٺ کاري پسايا جي ڳوٺاڻن جلال، سومار ۽ ٻين پريس ڪلب تي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ جي جھنگ ۾ پراسرار بيماري سبب ھرڻ مري رھيا آهن. ڪالهه به جھنگ ۾ مال چارڻ ۽ ٻني ٻاري تي وياسين ته جھنگ ۾ ھڪ ھرڻ مئٔل ڏٺو ۽ ٻئي ھرڻ کي ڪتا کائي ويا آهن. اسان کي شڪ آهي ته شايد لمپي وائٔرس ھجڻ ڪري ھرڻ مري رھيا آهن ۽ جھنگ ۾ شايد وڌيڪ ھرڻ مئٔل ھجن.

ڳوٺاڻن اپيل ڪئي ته جلد مئٔل ھرڻ جي چڪاس ڪري ٻين ھرڻن جو علاج ڪري وڌيڪ ھرڻ مرڻ کان بچايا وڃن. ٻئي طرف وائلڊ لائٔيف کاتي جي ضلع ڪنزرويٽر اعجاز ٽالپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ميڊيا ۾ خبرون ڏسڻ کانپو ٽيم کي ڏيپلو موڪليو آهي، اتان ڳوٺن ڏانهن ويندا ۽ مئٔل ھرڻ جي چڪاس ڪندا ۽ جزا وٺي ايندا، جنهن جي ليبارٽري مان ٽيسٽ ٿيندي جيڪا بيماري ظاهر ٿي، ان مطابق علاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button