خانپورمهر/عادلپور: خانپورمهر ويجهو نامعلوم ھٿياربندن هٿان اڌڙوٽ شخص قتل، واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس،
خبرموجب ، خانپورمهر ويجهو مٺڙي اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ ٻانهون گڏاڻي جو رهواسي محمد خان گڏاڻي قتل ٿي ويو. جڏهن ته مقتول جو لاش ڪيتري ئي وقت تائين روڊ تي پيل هو. اهڙي اطلاع تي عادلپور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي، مقتول جو لاش گهوٽڪي اسپتال پهچايو، جنهن بعد مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان مقتول جي پٽ شير افضل گڏاڻي ٻڌايو ته منهنجو پي ڪورٽ مان حاضري ڏئي واپس موٽي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي، مختلف برادرين سان زمين جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان ڪجهه وقت اڳ منهنجي ڀا کي به قتل ڪيو ويو هو. پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.