راڄوخاناڻي: راڄوخاناڻي لڳ تلهار ويندڙ مين روڊ تي پير پکو اسٽاپ وٽ ٻن چنگچي رڪشائن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ رورل هيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي جي ليڊي هيلٿ ورڪر ممتاز کوکر، دامن زهرا، شبيران قمبراڻي ۽ احمد کوکر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لا رورل هيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي آندو ويو. زخمين مان ليڊي هيلٿ ورڪر ممتاز کوکر جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کيس حيدرآباد روانو ڪيو ويو آهي. باقي زخمي راڄوخاناڻي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close