پاڪستانسنڌ

سنڌ جي سڄاڻ ڌرين طرفان برساتي ٻوڏ جي تباهڪاري حڪومت جي غفلت قرار، هيلٿ ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو

حيدرآباد: سنڌ جي ساڃاهه وندن، ليکڪن، دانشورن، ماهرن، سماجي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن صوبي ۾ برساتي ٻوڏ جي غير معمولي تباهين، ڪروڙين ماڻهو بي گھر، سوين فوت، لکين گھر، سمورا روڊ رستا، زمينون ۽ ملڪيتون تباهه ٿيڻ کي حڪومت جي غفلت قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته صوبي ۾ فوري طور هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪري متاثر ماڻهن کي علاج ۽ مناسب کاڌ خوراڪ پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ تمام وڏو انساني سانحو جنم وٺي سگھي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ ۾ برساتي تباهين ۽ ٻوڏ واري صورتحال تي غور ويچار ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ بابت سافڪو جي ميزباني هيٺ هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن کي اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳواڻ يوسف لغاري، سافڪو جي باني سليمان جي ابڙو، نالي واري دانشور جامي چانڊيو، ايڇ آر سي پي ريجنل ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيو، پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر حليم مگسي، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، شهناز شيدي، مصطفيٰ بلوچ، جاويد سوز هالائي، حسين مسرت، ماروي اعواڻ، زاهده ابڙو، مهيش ڪمار، فاروق سومرو، اسحاق مڱريو، ڊاڪٽر حميد سومرو، رميش گپتا، ستار ڏاهري، عباس کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي يوسف لغاري تجويز ڏني ته هن فورم تان اسان کي ٻوڏ جي تباهين جا انگ اکر کڻي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ گھرجي ته جيئن پاڻي جي قدرتي لنگھن تان قبضا هٽائڻ بابت ان جي فيصلن تي عمل نه ٿيڻ خلاف ڪارروائي ٿئي ۽ لنگهن تان قبضا نه هٽڻ ڪري ٿيل نقصان حڪومت ڀري ۽ حڪومت کان اهو به پڇيو وڃي ته آخر ڪيستائين اهي قبضا ختم ڪيا ويندا. جامي چانڊيو چيو ته هن قسم جي گڏجاڻي جو سلسلو جاري رکڻ گھرجي، حيدرآباد ۽ ڀرپاسي لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻهن جو دٻاءُ گھڻو آهي، انهن لاءِ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر کي هن فورم طرفان دعوت ڏئي گھرائجي، سندن ڪم بابت ڄاڻ وٺجي ۽ کين ظاهر ٿيل سمورن مسئلن کان آگاهه ڪجي. اسان کي گڏجي منظم انداز ۾ ڪئمپن جا دورا ڪرڻ گھرجن، ان لاءِ سڀ کان پهريان سرڪاري اعلانيل خيما بستي جو دورو ڪري متاثرن جا مسئلا ٻڌي انهن جي حل لاءِ سرڪار کي تجويزون ڏيڻ گھرجن. سليمان جي ابڙي چيو ته هي تباهي ته رڳو برساتي ٻوڏ سبب ٿي آهي، جڏهن ته دريائي ٻوڏ جو خطرو ڌار آهي. سنڌ پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري سموري ملڪ لاءِ پاڻيءَ جي نيڪال جو ذريعو بڻيل آهي. ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي ذريعي شگرملن جو پاڻي، سم ۽ ڪلر جو پاڻي اڳ ئي لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي 55 سالن جي تاريخ ۾ ايڏي وڏي برسات نه پئي، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي سميت سرڪاري ادارن توڙي هيٺين سطح جي مختلف کاتن جو پاڻ ۾ سهڪار ۽ رابطو نه هجڻ ڪري اڳواٽ تياري نه ڪئي وئي، جنهن سبب هي ايڏو وڏو نقصان ٿي ويو.

ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر چيو ته هي تباهيون پاڻيءَ جي قدرتي رستن تي قبضن سبب ٿي رهيون آهن، 20 جون کان هي برساتون شروع ٿيون پر حڪومت ڪي به جوڳا قدم نه کنيا، ڪا به تياري نه ڪئي وئي. هن چيو ته تمام وڏي تعداد ۾ ماڻهو ننڌڻڪا ٿيا روڊن تي ويٺا آهن، انهن کي فوري طور شيلٽر ۽ مناسب امداد ڏني وڃي، اهي رڳو بريانيءَ جي پليٽ تي گذارو نه ڪري سگھندا. هن چيو ته سنڌ ۾ هن آفت جي مٿان ٻي آفت جو امڪان آهي، جيڪا صورتحال آهي ته سنڌ ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، نه ته ماڻهو مڇرن، گدلو پاڻي ۽ کاڌو نه ملڻ، صحت صفائي جو بندوبست بلڪل نه هجڻ ڪري اڃا وڌيڪ آفت جنم وٺندي. ان موقعي تي شهناز شيدي، ڊاڪٽر حميد سومري، جاويد سوز، حسين مسرت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 70 سيڪڙو صحت جون سهولتون بند ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڪئمپن، تعليمي ادارن، روڊن ۽ بندن تي پهتل ڪيترائي ماڻهو بيمارين ۾ ورتل آهن، ٻوڏ متارن جي حالت ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته صدمي سبب هنن تي نفسياتي دٻاءُ پڻ آهي، حڪومت کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ گھرجي. چيو ته برسات سبب موهن جي دڙي کي شديد نقصان پهتو، جنهن جون 12 ڀتيون ڪري پيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button