پاڪستان

مون آرمي چيف ميرٽ تي مقرر ڪرڻ لاءِ چيو، ان ۾ ڇا غلط هو: عمران خان

پشاور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون ٻه ڏينهن اڳ چيو هو ته آرمي چيف جي سليڪشن ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، مون کي اهو ٻڌايو ته ڪو به ڪنهن جو خيرخواهه هميشه اهو چاهيندو ته جيڪڏهن ادارو مضبوط ڪرڻو آهي ته ميرٽ تي سليڪشن ٿئي، ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه ڪئي هئي، مخالفن جي ڪوشش آهي ته سڀ کان وڏي پارٽي کي فوج سان ويڙهايو وڃي. پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمراا خان چيو ته جڏهن پرڏيهي سازش تحت حڪومت ڪيرائي وئي تڏهن پهريون جلسو پشاور ۾ ڪيو هو، پشاور وارن ڪڏهن به مونکي مايوس ناهي ڪيو. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، ڊي جي خان، راجنپور، ڊيرا اسماعيل خان ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، الله اسان کي وڏي امتحان ۾ وڌو آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ جا ماڻهو وڏي مشڪل ۾ آهن، جڏهن ته منهنجي خلاف هڪ وڏي منظم پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي، نوجوانن کي حقيقي آزادي ۽ ڪلمي جو مطلب سمجهائڻ چاهيان ٿو، اسان زنجيرن سبب مٿي اُڏام نٿا ڀري سگهون، پاڻ سڳورن صلعم جي سنت تي هلندي قوم کي جاڳائڻ چاهيان ٿو ته جيئن اهي زنجير ٽٽي پون. هن چيو ته چورن جو ٽولو پروپيگينڊا ڪري رهيو آهي، آمريڪي سازش تحت چورن جو ٽولو ملڪ مٿان مڙهيو ويو، اسان پاڪستان کي علامه اقبال جي خواب جهڙو عظيم ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان سڄي دنيا ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت ڪرائڻ چاهيون ٿا. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته چورن جي هوندي پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت نه ٿيندي اڄوڪي جلسي ۾ توهان کي سکيا ڏني ويندي، جلسي ۾ ڪيئي ويڊيوز ڏيکارڻيون آهن، هن جلسي ۾ شريڪ ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي چيو ته ڇا توهان امپورٽڊ وزيراعظم شهباز شريف کي تسليم ڪيو ٿا؟ جيڪڏهن شهباز غيرتمند وزيراعظم هجي ها ته چوري ڪيل پئسو واپس ملڪ آڻي ها، چورن جي ٽولي کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير به مونکي هارائي نٿو سگهي، ٿري اسٽوجز کي خبر آهي ته جڏهن به چونڊ ٿي ته کين شڪست ملندي، مخالف مون کي نااهل ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مخالفن مونکي دهشتگرد بڻائي ڇڏيو آهي، انهن جو حال به ان ٽيم جهڙو آهي جيڪا شڪست ڏسندي وڪيٽون ئي کڻي ويندي آهي. فوج مخالف بيان تي عمران خان وضاحت پيش ڪندي چيو ته مون چيو هو ته آرمي چيف جي چونڊ ميرٽ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، مونکي ٻڌايو جيڪو خيرخواهه هوندو آهي اهو ته ائين چوندو ميرٽ تي چونڊ ڪريو، ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه هئي؟ مون چيو ته نواز شريف، زرداري ٻه ڌاڙيل آهن کين پاڪستان جو سپهه سالار نه چونڊڻ گهرجي، نواز شريف روپوش آهي، سندس اربين رپين جي ملڪيت پڪڙي وئي آهي، ڇا هڪ چور، ڀڳوڙي ۽ روپوش کي پاڪستان جو آرمي چيف سليڪٽ ڪرڻ گهرجي؟ هن چيو ته فوج به منهنجي آهي ۽ ملڪ به منهنجو آهي، ادارا جيترو مضبوط ٿيندا، ملڪ ايترو مضبوط ٿيندو، عدليا مضبوط ٿيندي ته ملڪ مضبوط ٿيندو، فوج مضبوط ٿيندي ته اسان آزاد ٿي سگهنداسين، ڪو ملڪ اسان کي فتح نه ڪري سگهندو جهڙي طرح مسلمان دنيا ۾ اڄ عذاب آيل آهي. عمران خان چيو ته مئجسٽريٽ زيبا چوڌري خلاف جيڪڏهن ائين لڳو ته مون ڪا سخت ٻولي استعمال ڪئي، ان جو سبب هو، مان شهباز گل کي ڏسي رهيو هيس، مٿس تشدد ٿيو، کيس لاڪپ ۾ بند ڪري ننگو ڪري تشدد ڪيو ويو، مٿس دٻاء وڌو ويو ته مون خلاف بيان ڏئي، منهنجو سخت ٻولي استعمال ڪرڻ جو مقصد نه هو، مان اهو ڪڏهن سوچي به نٿو سگهان ته ڪنهن جج کي ڌمڪي ڏيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button