پاڪستانسنڌ

ٻوڏ ۾ دادو ضلعو 80 سيڪڙو متاثر ٿيو آهي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ حيدرآباد جو دورو ڪرڻ لاءِ پهتو.جنهن بعد حيدرآباد ريجن جي پوليس آفيسرن کان بريفنگ ورتي ۽ گڏجاڻي. پوليس ترجمان موجب ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ ۾ دادو ضلعو 80 سيڪڙو متاثر ٿيو آهي. ميرپورخاص ريجن ۾ ٽنڊو الهيار. جهڏو. چمبڙ ۽ ٻيا شهر پڻ متاثر ٿيا آهن. بدين جا تعلقا ۽ ٽنڊو محمد خان پڻ پاڻي ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ٻوڏ ۾ 12 ٿاڻن پڻ ٻڏا آهن. 62 پوليس متاثر ٿيا. هن چيو ته حيدرآباد شهر پورو ۽ ٻهراڙيون پاڻي ۾ ٻڏل آهن.

هن چيو ته ريليف ڪيمپن ۾ سامان پهچائڻ جي سيڪيورٽي لاءِ 24 پوليس ڪانوو قائم ڪيا آهن. جتي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پوليس ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ 10 ٻيڙيون به ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موڪليون آهن. هن وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت متاثر ماڻهن کان رشوت وٺندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪيون آهن. 14 سينٽرن ۽ 377 ريليف ڪيمپ جي سيڪيورٽي پڻ سخت ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه. ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ سميت پوري ريجن جي ضلعن جا ايس ايس پيز ۽ ٻيا عملدار موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button