اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي قيمتن ۾ ٻيهر اضافو،في يونٽ 3 رُپيا 39 پئسا مهانگو

اسلام آباد : بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ وڌيڪ 3 رُپيا 39 پئسن جي واڌ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ نيپرا بجلي جي في يونٽ قيمت وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا بجلي جي اگهن بابت ٽماهي ايڊجسٽمنٽ درخواست جي شنوائي ڪئي. نيپرا بجلي جي اگهه ۾ 3 رُپيا 39 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني. نوان اگهه آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندا، جڏهن ته اها واڌ نومبر ۽ ڊسمبر ۾ پڻ وصول ڪئي ويندي. نيپرا بجلي ڪمپنين کي 95 ارب واڌو اوڳاڙين جي اجازت ڏئي ڇڏي. واهپيدارن نيپرا کان ڪي اليڪٽرڪ جي شنوائي لاءِ وڌيڪ وقت مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي نيپرا چيئرمين جواب ڏنو ته ڪي اليڪٽرڪ جي شنوائي تي ڀرپور وقت ڏنو ويندو آهي. نيپرا چيئرمين اهو به چيو ته ڪراچي جا واهپيدار اڪثر جذباتي ٿي ويندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button