اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ پي ٽي آ کي ٻن هفتن جي مهلت

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جي شنوائي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. پي ٽي آءِ جو وڪيل شاهه خاور اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ٿيو. سندس چوڻ هو ته گذريل شنوائي تي اسان 4 هفتن جي مهلت گهري وئي. پي ٽي آءِ پرڏيهي چيپٽرز کان ڄاڻ گهري آهي، اها وصول ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ٻه هفتا ته گذري ويا آهن، اليڪشن ڪميشن ميمبر چيو ته اڳ ئي ڪيس جي شنوائي 8 سال هلي هئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل شاهه خاور چيو ته ڄاڻ تمام اهم آهي، جيڪا پاڪستاني ڊونر آهن، انهن جا نائيڪاپ ۽ ٻيا دستاويز گهرايا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي وڌيڪ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پنهنجا جواب اڳ ۾ جمع ڪرايو ته جيئن ايندڙ شنوائي تي دليل شروع ٿي سگهن. ڪيس جي شنوائي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button