سڪرنڊ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبا ڪيا ته اقوام متحدہ ۽ ٻاھرين ملڪن طرفان ڏنل فنڊ سنڌ حڪومت کي نه ڏنو وڃي، سڌيءَ ريت سٺي ساک رکندڙ انٽرنيشنل اين جي اوز ۽ تعميراتي ڪمپنين معرفت رليف جا ڪم ڪرايا وڃن، وفاقي حڪومت عالمي ادارن کي پاڪستان ۾ جلد ڪم ڪرڻ لا اجازت ناما جاري ڪري، سنڌ حڪومت جي امداد ورھاست جو ڪم سيشن ججن جي سربراھيءَ ۾ ڪيو وڃي ۽ ضلع جا فوڪل پرسن ختم ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن جي 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث ڪردارن کي سزائون ڏنيون وڃن، آبادگارن کي بنا وياج قرض ڏنا وڃن ۽ نقصان ٿيل فصلن جو معاوضو ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close