پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ويجهو ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت سميت 2 ڄڻا فوت

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجھو گھر جي ڇت تي گارو ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت سميت 2 ماڻهو فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب ڳوٺ وهرو شريف ۾ 11 هزار وولٽ واري بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت سميت 2 ماڻهو فوت ٿي ويا. هڪ گهر ۾ پورهيت عارب پلي ۽ ٻيا ڇت کي گارو ڪري رهيا هئا ته اوچتو 11 هزار وولٽ واري تار مان کين ڪرنٽ لڳي ويو، جنهن سبب پورهيت عارب ولد يعقوب پلي ۽ هڪ عورت نازيه ولد اسماعيل سميجو تڏي ئي فوت ٿي ويا. ڪرنٽ ۾ فوتي جي ڌي هڪ عورت شبيران ڌي عارب شديد زخمي ٿي پئي، جنهن کي فوري طور سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، هوڏانهن عورت سميت ٻن ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. لاش اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button