سيراڻي: سيراڻي ڀرسان يونين ڪائونسل پير فتح شاھه جي رهواسين ۾ بشير احمد نوتڪاڻي، ڀورو خان نوتڪاڻي، مجيد مهراڻوي، اصغر خاصخيلي، سليم نوتڪاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ون آر سيراڻي ڊرين سم نالي جي مشين ذريعي صفائي ٿي رهي آهي، آر ڊي 60 کان آر ڊي 70 تائين لفٽ سائيڊ تي ٺيڪدار پاران مشين خراب ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي ڪم بند ڪري مشين واپس کڻائي ويو آهي.
هنن چيو ته گذريل برساتن سبب مٿي ڄاڻايل آرڊين وٽان سم نالي کي ٽن هنڌا گهارا لڳا هئا، جنهن ۾ اسان جا ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا هئا، سم نالي کي لڳل گهارا اڃا بند نه ڪيا ويا آهن، ڊرينيج وارا هتي نظر ئي نه ٿا اچن. هنن وڌيڪ چيو ته اسان اعليٰ اختيارين کان گهر ٿا ڪريون ته ون آر ڊرين سيراڻي سم نالي جي لفٽ سائيڊ آر ڊي 60 کان 70 تائين اڌ ۾ ڇڏيل ڪم مڪمل ڪرائي سم نالي جا ڪپر مضبوط ڪري اسان کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي، نه ته اسان عدالت جو در کڙڪائينداسين.