پاڪستانسنڌ

حڪمرانن کي سنڌ جون تڪليفون ڇو نٿيون نظر اچن؟ اياز لطيف

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ راشن تقسيم ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانن کي سنڌ جون تڪليفون ڇو نٿيون نظر اچن، برساتن، سم نالن جي گھارن ۽ ھٿرادو ھنيل ڪٽن جي ڪري سڄي سنڌ تباھه ۽ برباد ٿي وئي آهي، امير سنڌ جا ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن، 90 سيڪڙو سنڌ جو نقصان ٿيو آھي، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري زرعي معيشت کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آھي.

وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت نقصان جي ازالي لا ڪنھن به پيڪيج جو اعلان ناھي ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته خيرپور، حيدرآباد، بدين، سجاول، ٺٽو، عمرڪوٽ ميرپورخاص، سانگھڙ، نواب شاھه سميت ٻيا ضلعا به برساتن ۽ سم نالين جي گھارن سبب سخت متاثر ٿيا آھن. اياز لطيف پليجو چيو ته برسات متاثرين جا ٻار بک ۾ تڙپي رھيا آھن سرڪار گڏجاڻيون ڪري وقفي وقفي سان بيان جاري ڪري رھي آھي، هن چيو ته سنڌ جي برسات، ٻوڏ ۽ سم نالن جي گھارن سبب متاثر سمورن ضلعن جي بحالي ۽ ٻيھر انھن کي ٻوڏ جي صورتحال کان بچائڻ لا منصوبابندي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button