پاڪستانسنڌ

سعودي عرب ۾ ڪمائڻ لا ويل راڄوخاناڻي واسي نوجوان جو لاش مليو

راڄوخاناڻي: 3 سال اڳ روزگار سانگي سعودي عرب ويل راڄوخاناڻي واسي 30 ورهين جي نوجوان جو لاش ھٿ آيو آهي، 3 سال اڳ روزگار سانگي سعودي عرب جي شھر دمام ۾ ڪمائڻ لا ويل راڄوخاناڻي جي 30 ورهين جي نوجوان محمد حارث پٽ محمد منشا جو پنھنجي ئي ڪمپني جي رھائش واري ڪالوني ٻاھران لاش مليو آھي. نوجوان جي اوچتي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

جڏھن ته شھرين ۾ ڏک جي لھر ڇانيل آھي. صحافين پاران وارثن سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته واقعو ڪينئن پيش آيو آهي اڃا تائين صحيح معلومات ناھي ملي پر سعودي پوليس ڪجھه ماڻھو گرفتار ڪيا آھن ۽ ھن سان گڏ رھندڙ به ڪجھه ماڻھو گم آھن. جن جو تعلق پاڪستان سان آھي. وارثن چيو ته پوليس جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد لاش پاڪستان آڻي تدفين جي ڪوشش ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button