پاڪستانسنڌ

صورتحال خراب، وفاق کان به گهڻو سامان نه آيو آهي: اطلاعات وزير شرجيل ميمڻ

حيدرآباد؛ حيدرآباد ۾صوبائي وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ، حيدرآباد رين ايمرجنسي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ سبب صورتحال خراب ٿي چڪي آهي. هن وقت وفاقي حڪومت کان به گهڻو سامان نه آيو آهي. مخير ماڻهن يا سماجي تنظيمون ريليف ڪيمپن ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ لاڳاپيل ضلعي جي ڊي سي ۽ انتظاميه کي ضرور اطلاع ڪن. ٻوڏ ۾ 601 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. هن حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ هال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت ٻوڏ دوران سڀ کان وڌيڪ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 195 ماڻهو فوت ٿيا آهن جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 137، سکر ڊويزن ۾ 95، شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 94، ڪراچي ڊويزن ۾ 62 ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 18 فوتگيون ٿيون آهن، هن چيو ته قدرتي آفت سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جيڪي سرڪار ۽ سرندي وارن ڏانهن مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن، هن چيو ته سماجي تنظيمون ڪيمپن تي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ انتظاميه ۽ ڊي سي کي ضرور اطلاع ڪن. هن چيو ته قدرتي آفت سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، سنڌ ۾ 601 ماڻهن جي فوت ٿيڻ سان گڏ 11 لک 5 هزار 58 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. جنهن ۾ 47072 جانور مري ويا آهن، هن چيو ته 11 لک 95 هزار هڪ سئو 23 گهر جزوي ۽ 5 لک 82 هزار 612 گهر مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، مجموعي طور تي 16 لک 87 هزار 6 سئو 59 گهرن، 241 تعلقن ۽ 1104 يونين ڪائونسلون کي نقصان پهتو آهي.

هن چيو ته 44 لک 28 هزار 4 سئو 21 ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ تباهه ٿيو آهي، هن چيو ته سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي ۽ زمينن ۾ ايترو پاڻي بيٺل آهي شايد ربيع جو فصل به ٿي نه سگهندو، هن مهل ڪپهه جو فصل مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي ۽ ڀاڄيون پڻ ختم ٿي چڪيون آهن جنهن ڪري مهانگائي ۾ به تمام گهڻو واڌارو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪوٽڙي بيراج ۾ هن وقت مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ جتان 6 لک 40 هزار 1 سئو 27 ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي. جڏهن ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 123.5 آر ايل هئي، جيڪا هن وقت 122.3 آر ايل تي پهتي آهي، هن چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ ڪجهه بهتري آئي آهي پر مسلسل پاڻي اچي رهيو آهي، جنهن ۾ اڃان تائين گهٽتائي نه ٿي رهي آهي. جڏهن ته هڪ ٻئي برسات جي اسپيل جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ميرپورخاص، سانگھڙ، نوشهروفيروز، مٽياري ۽ نيو سعيد آباد ۾ پاڻي آهي، جڏهن ته چئن ڏينهن بعد سعيد آباد مان ڪجهه پاڻي نيڪال ٿي ويندو. هن چيو ته هن وقت حيدرآباد جي ٻهراڙي تعلقي جون 30 يونين ڪائونسلون پاڻي ۾ ٻڏل آهن پر وقت سر قدمن سبب ڪجهه ڳوٺن مان پاڻي نيڪالي ڪئي وئي آهي ۽ هنن ڳوٺن ۾ ماڻهن جي واپسي وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي.

صوبائي وزير ٻڌايو ته متاثرن لاءِ سنڌ سرڪار پاران 2 هزار 31 امدادي ڪيمپون قائم ڪري 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين تيار ڪيل کاڌي سميت طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. حڪومت طرفان 14 هزار 610 تنبو ۽ 923255 مڇردانيون ڏنيون ويون آهن .هن چيو ته برساتي پاڻي جي بيهڻ سبب ڊينگي تمام تيزي سان پکيڙجي رهيو آهي، تمام يونين ڪائونسلن ۾ مڇر مار ڦوهارو پڻ ڪرائي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ شهري علائقن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شهري احتياط ڪن. هن چيو ته حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت مان جيڪا اميد هئي اها امداد نه ملي سگهي آهي. وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25-25 هزار في خاندان کي ڏنا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button