اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف توشا خانا جي تحفن جي عوامي نمائش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم کي ملندڙ پرڏيهي تحفا هاڻي وزيراعظم هائوس ۾ هميشه لاءِ رکيا ويندا. ٻاهرين ملڪن مان ملندڙ تحفا هاڻي عوام ڏسي سگهندو. جڏهن ته شهبازشريف اها هدايت به ڪئي ته تحفا عوام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ۾ هڪ جاءِ به مخصوص ڪئي وئي آهي. تفصيل مطابق وزيراعظم شهبازشريف پاڻ به ٻاهرين ملڪن مان ملندڙ تحفا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. توشا خانا ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيراعظم کي هي قيمتي تحفا نار وارن ملڪن جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان جڙيل ٻه قيمتي گهڙيون شامل آهن، هڪ گهڙي جي قيمت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. خليجي رياستن طرفان وزيراعظم شهبازشريف کي عمران خان کان وڌيڪ مهانگيون گهڙيون ڏنيون ويون آهن. وزيراعطم قيمت قلم، منڍي، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو جا سمورا تحفا توشا خانا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close