اسلام آباد : پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عورت جج کي ڌمڪين واري ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي 19 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، عمران خان شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ ضمني جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ عورت جج بابت چيل لفظن تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. عمران خان جو جواب ۾ چوڻ ھو تھ غير ارادي طور عورت جج بابت اهڙا لفظ نڪري آيا، جنهن تي افسوس آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اِها سٺي ڳالهه آهي جو مون کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. مون سدائين ادارن جي عزت تي ٻڌل راءِ جو اظهار ڪيو آهي. خاطري ڪرايان ٿو ته ججز ۽ عدليا جو احترام ڪريان ٿو. سندس چوڻ هو ته ججز عام ماڻهن کي انصاف ڏيڻ ۾ هر وقت رُڌل رهن ٿا، منهنجو مقصد عورت جج جي دل آزاري ڪرڻ نه هو. هاءِ ڪورٽ ۽ ان جي ماتحت عدالتن لاءِ تمام گهڻو احترام آهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عورت جج جي احساسن کي ڇيهو رسائڻ جو مقصد نه هو، عوامي ريلي ۾ غيرارادي طور منهن مان نڪتل لفظن تي افسوس اٿم. عورت جج کي ڌمڪائڻ جو ارادو نه پر ائين ڪرڻ بابت سوچي به نٿو سگهان. ٻئي طرف عمران خان توشا خانا ريفرنس تي اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. اربع تي اليڪشن ڪميشن ۾ تحفا ظاهر نه ڪرڻ تي عمران خان جي نااهلي جي ريفرنس تي شنوائي دوران عمران خان جا وڪيل بئريسٽر علي ظفر ۽ بئريسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا. وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته اسپيڪر ريفرنس ۾ چيو آهي ته آرٽيڪل (2) 63 جي تحت نااهلي جو ڪيس ٺهي ٿو. جڏهن ته ريفرنس ۾ آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي گهري وئي آهي. ميمبر ڪي پي ڪي چيو ته آئيني طور تي هي ريفرنس ناهي پر نااهلي جو سوال آهي. علي ظفر دليل ڏنا ته اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 63 جي ڪارروائي ۾ 62 ون ايف جو ڪيس نٿي ٻڌي سگهي. آرٽيڪل 62 ون ايف عدالت ئي لاڳو ڪري سگهي ٿي. ڪميشن نه چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان ڪميشن جو اختيار وارو دائرو چئلينج ڪرڻو آهي ته الڳ درخواست داخل ڪريو. اليڪشن ڪميشن شنوائي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close