اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ٻڌائي ته فوج ۾ ڪڏهن ميرٽ تي مقرريون ناهن ٿيون:خواجا آصف

اسلام آباد :بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان ٻڌائي ته پاڪ آرمي ۾ ميرٽ تي ڪڏهن مقرري ناهي ٿي. هو سوچي سمجهي اهڙي حڪمت عملي تحت بيان ڏئي رهيو آهي. ادارن تي حملا ڪري چوي ٿو ته ميرٽ جي ڳالهه ڪئي آهي. عمران خان جي ڪرپشن خلاف جاچ ٿي رهي آهي، معاملا پرڏيهي فنڊنگ سان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته اسان توشا خانا جي درخواست ڏني، اسان 180 ملين تي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. شيون گهڻو اڳتي نڪري ويون آهن، هاڻي سڀ ڪجهه اڳيان ايندو، پرڏيهي فنڊنگ سان به معاملا گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن. هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته توشا خانا جي تحفن کي کپائي پئسا پاڻ وٽ رکڻ ميرٽ آهي ڇا؟ توهان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي نيڪالي ڏني وئي، ڇا اها ميرٽ آهي بي اعتمادي رٿ جو ذميوار آمريڪا ۽ ڪنهن اداري کي قرار ڏنو وڃي. بي آر ٽي انڪوائري دفن ڪري ڇڏي ڇا اها ميرٽ آهي. خواجا آصف چيو ته عمران خان ٻڌائي ته پاڪ آرمي ۾ ميرٽ تي ڪڏهن مقرري ناهي ٿي، جيڪي به چار يا پنج نالا ايندا آهن اهي فوجي قيادت موڪليندي آهي. عمران خان پهريان عدالتن ۽ ادارن خلاف ڳالهائيندو آهي پوءِ وري وضاحتون ڏيندو آهي. چوڌري اقبال فرح خان واري معاملي کان کُلي لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو، راڻا ثناءُ الله خلاف جيڪو ڪيس ٺاهيو ويو ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. شهباز شريف جي لنڊن وڃڻ وارين افواهن تي خواجا آصف چيو ته شهباز شريف جي لنڊن وڃڻ بابت اڃا فيصلو ناهي ٿيو ۽ مون کي ان معاملي جي وڌيڪ ڄاڻ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button