بدين: يونيورسٽين ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته ضلعي انتظاميه بدين جي متاثر علائقن جي ماڻهن کي ريسڪيو ۽ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، جڏهن ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان تمام گهڻو آهي. جنهن جو ازالو بروقت ممڪن ناهي، لکين ماڻهن جا گهر ٻڏي ويا ۽ لکن جي تعداد ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. هن چيو ته اڃا به ڪيترائي متاثر علائقا آهن، جتي امدادي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيون آهن، منهنجي دوري جو مقصد به امدادي سرگرمين جو جائزو وٺي، ماڻهن کان سندن ڏک معلوم ڪرڻ ۽ انهن جي تڪليفن کي گهٽائڻ سان گڏ جيترو جلد ٿي سگهي ريسڪيو ۽ امدادي ڪم کي مڪمل ڪرائڻ آھي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اسان عوام ۾ موجود آهيون ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته هن وقت حڪومت سان گڏ اين جي اوز ۽ ماڻهو انسانيت جي جذبي سان ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهن، هي ڏکيو وقت آهي اسان هن ڏکئي وقت مان تڏهن نڪري سگهون ٿا جڏهن سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماضي ۾ پهرين نقصان جو اندازو لڳايو ويندو هو پر هي ايڏي وڏي آفت آهي جو اسان کي پهرين ٻڏل ماڻهن کي بچائڻ ۽ بکايلن کي کاڌو فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي.