سانگھڙ: سانگهڙ ۾ ايم اين اي نويد ڏيري انتظاميا کي ٻڌائڻ بنا ئي مٺڙائو کي 5 فوٽ ڪٽ ڏياري ڇڏيو، پاڻي تيزي سان نئون ڪوٽ ۽ جهڏي ڏانهن وڌڻ لڳو. ان سلسلي ۾ ايم اين اي نويد ڏيرو انتظاميا کي بنا ٻڌائڻ جي ٽوري موري زيرو پوائنٽ وٽان سانگھڙ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لا مشينري ساڻ ڪري مٺڙائو بان ۾ ڪٽ ھڻائي ڇڏيو، انتظاميا کي خبر پوڻ بعد پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري آبپشي عملو مشينري کڻائي مٺڙائو بان جي ڪٽ کي بند ڪرڻ لا پھتو ته سوين ماڻهو به پهچي ويا، جن بند ڏانهن ويندڙ مشينري جي رستا روڪـ ڪئي ۽ انتظاميا خلاف مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي رابطو ڪرڻ تي ايم اين اي نويد ڏيرو ٻڌايو ته اھو فيصلو عوام جو آهي، آئون ان حوالي سان ڪو به موقف نه ڏيندس. ٻئي پاسي انتظاميا جو بار بار موقف وٺڻ لا رابطو ڪيو ويو، پر ڪنهن به عملدار جواب نه ڏنو. آبپاشي کاتي جي عملدرن چيو ته ايم اين اي جو ڪٽ ڏيڻ وارو فيصلو غلط آهي، اڳ ئي بان ۾ پاڻي آهي ۽ پڇڙي وارا علائقا جھڏو ۽ نئون ڪوٽ ٻڏل آهن. ٻئي پاسي آبپاشي عملي مٺڙائو ڪئنال جا در بند ڪري ڇڏيا، جنهن تي رهواسين پهچي زوري دروازا ٻيهر کولي ڇڏيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close