پاڪستان

ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ وبائي بيماريون به کڻي آئي، هزارين متاثر بيمار

برساتن ۽ ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيل ڏکڻ پنجاب ۾ هاڻي وبائي بيماريون پکڙجي ويون آهن. پنجاب جي صحت واري کاتي مطابق ڊيرا غازي خان ۽ راجن پور ۾ گذريل 7 ڏينهن اندر وبائي مرض ڦهلجڻ ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. صحت کاتي موجب ڏکڻ پنجاب جا رهواسي 37 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته 33 هزار متاثرن کي خارش ۽ چمڙي جي ٻين بيمارين وڪوڙي ورتو آهي، ڏکڻ پنجاب جا 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊائريا ۽ 20 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن کي تيز بخار ٿيڻ لڳو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button