اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 ارب منظور،3 لک ميٽرڪ ٽن يوريا ٻاهران گهرائڻ جي هدايت

اسلام آباد :اي سي سي ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 ارب رپين جي فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي سي سي ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 ارب رپين جي فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزارت چيو ته رقم اين ڊي ايم اي جي ذريعي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي تي خرچ ڪئي ويندي. ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ جي فراهمي لاءِ 54 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي مطابق يوٽلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي متاثر علائقن ۾ ضروري شيون فراهم ڪيون وينديون. افغانستان ۾ ٽن اسپتالن جي سار سنڀال لاءِ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ فنڊ منظور ڪيا ويا. هي فنڊ طبي سامان فراهم ڪرڻ، پگهارون ۽ مرمت تي خرچ ڪيا ويندا. اي سي سي 3 لک ميٽرڪ ٽن يوريا ٻاهران گهرائڻ جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ميڊيا رپورٽ مطابق يوريا ٽريڊنگ ڪارپوريشن جي ذريعي حڪومتي سطح تي ٻاهران گهرائي ويندي. اي سي سي مختلف ادارن کي ڪڻڪ جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي 50 سيڪڙو مقامي ۽ 50 سيڪڙو درآمدي ڪڻڪ جي فراهمي جي هدايت ڪئي. يوٽيلٽي اسٽورز کي 75 سيڪڙو مقامي ۽ 25 سيڪڙو امپورٽيڊ ڪڻڪ ڏني ويندي، ڪڻڪ پاسڪو ذريعي فراهم ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button