
اسلام آباد :پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوئتريس 9 کان 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو. يو اين سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪندو. ترجمان چيو ته دوري دوران يو اين سيڪريٽري جنرل پاڪستاني قيادت ۽ اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. سيڪريتري جنرل ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو ۽ متاثرن سان ملاقاتون ڪندو. سيڪريٽري جو دورو متاثرن جي انساني ۽ ٻين ضرورتن لاءِ بهترين بين الاقوامي رد عمل کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ لاءِ 160 ملين آمريڪي ڊالر جي گڏيل قومن جي فليش اپيل جي فعال طور تي حمايت ڪئي.