پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه ۾ گئس جو بحران، شهري پريشان، انتظاميا خلاف احتجاج

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو. گھريلو گئس جي بندش سبب شھري سخت پريشان آھن. لطيف ڪالوني ۽ ٻگھيا محلي جي رھواسين پاران گئس جي بندش خلاف احتجاج ڪيو ويو. شھرين ايڊووڪيٽ آصف راجپوت، اسد علي چوھاڻ، جاويد بوزدار، نظير مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي شھرين جو چوڻ ھو ته ڀٽ شاھه ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان گئس جي لوڊشيڊنگ جو عمل جاري آھي، جنھن ڪري شھري سخت پريشان آھن. گھرن ۾ کاڌو به تيار نه ٿو ٿئي شيخ محلي، لطيف ڪالوني، پير محلي ۽ ٻگھيا محلي ۾ گئس نٿي اچي ۽ انتظاميه خاموش آھي. اسان جو مطالبو آھي ته گئس بحال ڪري شھرين جون پريشانيون ختم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button