پاڪستانسنڌ

شاھه عبداللطيف ڀٽائي رح جو 279 ھون عرس 11 سيپٽمبر تي شروع ٿيندو

ڀٽ شاھه: حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي رح جو 279 ھون عرس مبارڪ ۾ باقي 2 ڏينھن بچيا، عرس مبارڪ 11 سيپٽمبر کان 14 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. 13 صفر 10 سيپٽمبر تي رات جو قائٔم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاھه لطيفي جي اڳواڻي ۾ مزار تي چادر چاڙھي غير سرڪاري سطح تي رسمن جي شروعات ڪئي ويندي. درگاھه تي اوقاف کاتي طرفان چراغان ۽ ٽائٔون انتظاميه طرفان دنبورا چوڪ ۽ اللھ والا چوڪ تي لائٔيٽنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي، ميلا گرائٔونڊ جي پلاٽ تي زائرين کي تفريح ڏيڻ لا سامان به پھچي ويو ۽ ميلي لا دڪاندارن جي آمد به شروع ٿي وئي آھي. سرڪاري سطح تي عرس مبارڪ جون ڀٽ شاھه ۾ تقريبون ملتوي ڪيون ويون آھن. 14

صفر تي اوقاف کاتي طرفان صوبائي صلاحڪار سيد احمد رضا شاھه جيلاني جي اڳواڻي ۾ مزار تي افتتاحي چادر چاڙھي ويندي ۽ ميلو سادگي سان شروع ڪيو ويندو. 16 صفر تي قائٔم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاھه مريدن کي ديدار ڪرائي ھال ۾ ڌاڳن جي رسم ادا ڪندو. هوڏانهن ميلا ڪميٽي جي سرپرست سيد غلام رضا شاھه لطيفي چيو آھي ته شاھه لطيف جو عرس مبارڪ عقيدت ۽ احترام سان سادگي سان ملھايو ويندو. ھن چيو ته ثقافت کاتي گھرجي ته ايوارڊ تقريب ۽ ادبي ڪانفرنس حيدرآباد بدران ڀٽ شاھه ۾ ڪئي وڃي. برساتن سبب سرڪاري تقريبون محدود ڪيون ويون آھي پر درگاھه تي ايندڙ پانڌيئٔڙن کي ھر ممڪن سھولتون فراھم ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button