پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ نوجوان تي تشدد ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ راڄوخاناڻي جي رهواسين پورهيت نوجوان تي وحشاڻي تشدد ۽ تذليل ڪرڻ تي بااثر ماڻهن خلاف احتجاج ڪيو، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ بدين ضلعي جي راڄوخاناڻي شهر جي رهواسين پريس ڪلب آڏو بااثر ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي انس نظاماڻي، بلاول نظاماڻي، عليم، محمد حنيف ۽ ٻين ٻڌايو ته بااثر ماڻهن پلاٽ تي غيرقانوني قبضي ڪرڻ لاءِ پورهيت سڪندر نظاماڻي تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس شهر جي اندر وحشاڻو تشدد جو نشانو بڻائي، سندس تذليل ڪرڻ سان گڏ کيس لوهي سيخون هڻي سخت زخمي ڪيو ويو، جنهن بابت راڄوخاناڻي پوليس وٽ فرياد ڪرڻ باوجود پوليس بااثر ماڻهن رياض نطاماڻي، ارشاد علي، محمد صديق ۽ عبدالرحمان خلاف ڪو به قدم کڻي نه سگهي آهي نه وري کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button