پاڪستانسنڌ

ملاڪاتيار لڳ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، ماڻهن جي لڏپلاڻ، آبپاشي عملو گم

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان جي ملاڪاتيار لڳ ڪوٽڙي بئراج کان سمنڊ ڏانهن ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي سنڌو دريا جي ڪنارن تي پهچي انتهائي درجي جي ٻوڏ واري خطرناڪ صورت اختيار ڪري ورتي آهي. جنهن ۾ پاڻي جي سطح ساڍا 6 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويئي آهي، جنهن ۾ پاڻي ملاڪاتيار جي بندن کي تيزي سان پائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ملاڪاتيار شهر ڀرسان درياهه جي بند کي لڳل ڏار مان خطرو ظاهر ٿيڻ جي امڪان باوجود علائقي جي رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت رات ڏينهن بند تي حفاظتي اپا وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، بندن جي ڪمزور صورتحال جي ڪري لڳل روڻين مان اڃا به پاڻي جي سطح وڌڻ سان خطرو وڌندڙ آهي.

زرعي آبپاشي ماهرن نبي بخش سٺيو، هونڌل خان لغاري ۽ ٻين چيو آهي ته درياهه ۾ پاڻي جي سطح بند ٽٽڻ کان گهٽ آهي، جنهن ۾ آبپاشي کاتي جي مشينري تي ڪو به اعتماد نه رهيو آهي، رات پيٽ ۾ شهرن جا شهر لوڙهي سگهن ٿا، سنڌ جي دادو، لاڙڪاڻي ۽ ٻين علائقن ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ عوام هاڻي حڪومتي مشينري تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، جنهن جي ڪري عوام پاڻ بندن جي حفاظت ڪري رهيو آهي، آبپاشي کاتي ڪوٽڙي بئراج جي ايڪسيئين امتياز مورائي جو چوڻ آهي ته بندن کي اڃان تائين ڪوبه خطرو لاحق نه ٿيو آهي، عوام کي پريشان نه ڪيو وڃي نه وري بند ٽٽڻ جي ڳالھه ڪري عوام ۾ خوف حراس پيدا ڪيو وڃي، ڪوٽڙي بئراج کانپوءِ سمنڊ ڏانهن پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي، درياهه جي اندر ڪچو هر دفعي متاثر ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري درياهه جي اندر قائم ڳوٺن ۽ شهرن جي رهواسين کي هاڻي اڳتي درياهه جي اندر رهائش اختيار ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button