پاڪستانسنڌ

مختيارڪار شاهبندر جي آفيس جي پلاٽ تي تعمير ڪيل دڪان پٽ, احتجاج

چوھڙجمالي؛ مختيارڪار شاهبندر جي آفيس جي ايراضي تي گذريل 4 سالن کان قبضو ڪري دڪان ٺاهي ويٺل محمد عمر جتوئي جو دڪان اسسٽنٽ ڪمشنر شاھبندر حيبب الله وڳڻ پوليس نفري ساڻ ڪري مسمار ڪرائي ايراضي خالي ڪرائي ڇڏي. جڏهن ته جتوئي برادري جي ماڻھن شاھبندر چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري چوھڙجمالي-سجاول روڊ تي ٽائرن کي ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اسنٽنٽ ڪمشنر موقف ڏيندي چيو ته سرڪاري پراپرٽي آھي، ان تي ڪنھن قسم جو قبضو برداشت نه ڪيو ويندو. بار بار نوٽيس ڏيڻ جي باوجود قبضو خالي ڪرڻ لا تيار نه ھو، جنھن ڪري قانوني ڪارروائي تحت دڪان ٽوڙائي ڇڏيو آھي، جڏھن ته 2 ڄڻا گرفتار به ڪيا ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button