پاڪستانسنڌ

گمبٽ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف شهرين جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو

خيرپور: گمبٽ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ پمپنگ اسٽيشن نه ھلائڻ خلاف شھرين جو احتجاج، قومي شاهراھه تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ خبر موجب گمبٽ شھر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ پمپنگ اسٽيشن نه ھلائڻ خلاف سوين شھرين پ پ اڳواڻ لطيف شيخ جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراھه بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گمبٽ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ موجود سم نالن تي قائم پمپنگ اسٽيشنن کي ضلعي انتظاميا بند ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري برساتي ۽ نالين جو گندو پاڻي گمبٽ شھر ۾ بيٺل آھي ۽ مسلسل وڌندو پيو وڃي ۽ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، جيڪڏھن اڃا وڌيڪ پمپنگ اسٽيشنن کي بند ڪيو ويو ته گمبٽ شھر ڪجھه ئي ڪلاڪن ۾ ٻڏي ويندو. ھنن چيو ته جيستائين پمپنگ اسٽيشنن کي نه ھلايو ويندو، تيسيتائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندو. ٻي پاسي ڌرڻي سبب ھزارين گاڏيون بيھجي ويون ۽ مسافر سخت پريشان رھيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button